رائڌڻ وَرُ

رائـڌڻ وَرُ (لـوڪ گيـت): هـي ٿـرپارڪـر جـو مـشهـور لوڪ گيت آهي. خاص ڪري وسڪاري جي موسم ۾ زالون ڳائينديون آهن. وسڪاري بعد ٿرپارڪر ۾ ماڻهو، مال ۽ سڀئي ساهوارا خوشيءَ ۾ اچي ويندا آهن. تنهنڪري جتي به زالون پاڻ ۾ گڏ ٿينديون آهن ته ڪونه ڪو گيت آلاپينديون آهن. هي گيت به انهيءَ موقعي جو آهي. هن گيت جي موضوع مان سمجھجي ٿو ته سومرن جي دؤر حڪومت ۾ حاڪم رائڌڻ سومري، ڍٽ ۾ ڪنهن تلاءَ جي ڪپ تي اچي منزل ڪئي، ڀر واري ڳوٺ جون ڪي ڇوڪريون پاڻي ڀرڻ لاءِ تلاءَ تي آيون، جن مان ٻيون ڇوڪريون ته پاڻي ڀرڻ لڳيون، پر منجھائن پٽيل جي ڌيءَ، جيڪا تمام سهڻي هئي، ان جي نظر وڃي رائڌڻ سومري تي پئي ۽ ان تي عاشق ٿي پئي. ڇوڪري گھر موٽي اچڻ شرط، گھاگھر پٽ تي اڇلائي ماءُ کي چيو ته مون کي رائڌڻ سومري سان پرڻاءِ. ماءُ پيءُ گھڻو ئي سمجھايس ته هو سنڌ جو بادشاهه، تو سان ڪيئن شادي ڪندو؟ باقي جي چئين ته تنهنجي لاءِ جيسلمير جي ڀاٽي هڙونٿ راءِ کي سڱ جو پيغام موڪليون. ڇوڪريءَ انڪار ڪيو. آخرڪار ڇوڪريءَ جي پيءُ رائڌڻ سومري کي سڱ جي آڇ ڪئي، جنهن سڱ قبول ڪيو ۽ هنن جي شادي ٿي. هن گيت ۾ اهو سمورو قصو اچي وڃي ٿو. گيت جي سٽاءُ، مضمون ۽ وراڻيءَ مان خود ڇوڪريءَ جي رائڌڻ سومري سان پرڻجڻ جي خواهش جو اظهار آهي. جيئن:
او ڀوري امان، او راڻي امان، منان رائڌڻ ور پرڻاءِ.
اها وراڻي هر هڪ مصرع بعد ورجائي ويندي آهي، جا هيٺ ڏجي ٿي:
ڪٿي وٺو مينهن ڇمر، ڪٿي وٺو ڌرم ڌاروليا،
او ڀوري امان! او راڻي امان! منان رائڌڻ ور پرڻاءِ.


هن صفحي کي شيئر ڪريو